سنڌ

March 3, 2023 2:37 pm

ناظم جوکيو ڪيس ۾ ڄام اويس گهرام ۽ ٻين جوابدارن جي آزادي خلاف درخواست داخل ڪرائي وئي

ملير ۾ ناياب پکي تلور جو شڪار ڪرڻ کان روڪڻ تي قتل ڪيل ناظم جوکيو ڪيس ۾ پيپلزپارٽي جي ايم پي اي ڄام اويس گهرام ۽ ٻين جوابدارن جي آزادي خلاف درخواست داخل ڪرائي وئي.

نيشنل ڪميشن فار هيومن رائيٽس ڌر ٿيڻ جي درخواست رد ٿيڻ ڪرڻ واري ماتحت عدالت جي حڪم کي به سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ چيلينج  ڪيو.

درخواستگذار موقف اختيار ڪيو ته ماتحت عدالت ثبوت ختم ڪرڻ ۽ ڌمڪيون ڏيڻ جي قلم ۾ ڪمپرومائيز منظور ڪيو، اهڙن قلمن تحت ماتحت عدالت کي ڪمپرومائيز جو اختيار ناهي.

درخواست ۾ اهو به موقف اختيار ڪيو ويو ته ماتحت عدالت غير قانوني طور تي اين سي ايڇ آر جي ڌر ٿيڻ واري درخواست به رد ڪئي.

عدالت پراسيڪيوٽر جنرل ۽ ٻين ڌرين کي نوٽيس جاري ڪندي 17 مارچ تي جواب طلب ڪري ورتو.

وڌيڪ پڙهو: