ايڇ بي ايل پاڪستان سپر ليگ (پي ايس ايل) جي 17هين ميچ ۾ پشاور زلمي ڪراچي ڪنگز کي شڪست ڏئي ڇڏي.
پشاور زلمي جي 198 رنسن جي ٽارگيٽ جي تعاقب ۾ ڪراچي ڪنگز جي ٽيم مقرر اوورن ۾ 8 وڪيٽن جي نقصان تي 173 رنسون ٺاهي سگهي ۽ کيس 24 رنسن تان شڪست جو منهن ڏسڻو پيو.
ڪراچي ڪنگز جي ڪپتان عماد وسيم ٽاس کٽي پهريان فيلڊنگ جو فيصلو ڪيو.
پشاور خلاف ڪراچي جي شروعات سٺي ٿي، عامر هڪ اوور ۾ ٻه وڪيٽون وٺي پشاور کي وڏو ڌڪ ڏئي ڇڏيو.
راولپنڊي ۾ کيڏيل ميچ ۾ محمد عامر پنهنجي پهرين اوور ۾ محمد حارث ۽ بابر اعظم کي صفر وڪيٽ تي پويلين جو رستو ڏيکاريو.
ان کان پوءِ محمد عامر پنهنجي ٻئي اوور ۾ صائم ايوب کي به آئوٽ ڪري ڇڏيو.
هڪ موقعي تي پشاور زلمي جا ٽي رانديگر صرف 2 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي ويا.
جڏهن ته بعد ۾ ايندڙ رانديگرن ٽام ڪوهلر، حسيب الله خان ۽ رومن پاول بالترتيب 56، 50 ۽ 64 رنسن جي اننگز کيڏي ٽيم کي شروعاتي نقصان مان ڪڍي ڇڏيو ۽ ٽيم کي 198 رنسن جو هدف ڏنو.
پشاور زلمي مقرر اوورن ۾ 5 وڪيٽن جي نقصان تي 197 رنسون ٺاهيون. ڪراچي طرفان محمد عامر 4 ۽ تبريز شمسي هڪ وڪيٽ ورتي.
واضح رهي ته پي ايس ايل جي هلندڙ سيزن ۾ لاهور قلندرز 5 ميچون کيڏڻ کانپوءِ پهرين نمبر تي آهي، جڏهن ته ملتان سلطانز ٻئي، اسلام آباد ٽئين، ڪراچي ڪنگز چوٿين، پشاور زلمي پنجين ۽ ڪوئيٽا ڇهين نمبر تي آهي.