ايڇ بي ايل پاڪستان سپر ليگ (پي ايس ايل) سيزن 8 جي 23هين ميچ ۾ پشاور زلمي لاهور قلندرز کي 35 رنسن تان شڪست ڏئي ڇڏي.
پشاور زلمي لاهور قلندرز کي کٽڻ لاءِ 208 رنسن جو ٽارگيٽ ڏنو جنهن جي جواب ۾ لاهور قلندرز 19.4 اوورن ۾ 172 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي وئي.
راولپنڊي اسٽيڊيم ۾ لاهور قلندرز ۽ پشاور زلمي وچ ۾ کيڏيل ميچ ۾ پشاور زلمي جي ڪپتان بابر اعظم ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ جو فيصلو ڪيو ۽ پشاور زلمي جي پوري ٽيم آخري اوور ۾ 207 رنسن تي آئوٽ ٿي وئي.
صائم ايوب 36 بالن تي 64 رنسن جي شاندار اننگز کيڏي، جنهن کانپوءِ ڪپتان بابر اعظم 50 رنسون، محمد حارث 9 رنسون، ٽام ڪوهلر 36 رنسون ۽ رومن پاول 9 رنسون اسڪور ڪيون پر ان کانپوءِ پشاور زلمي جا سمورا رانديگر جلد آئوٽ ٿي ويا.
لاهور قلندرز طرفان راشد خان 2، حارث رئوف 2 ۽ ڪپتان شاهين شاهه آفريدي هڪ هڪ وڪيٽ ورتي.
ٽاس کانپوءِ ڳالهه ٻولهه ۾ شاهين شاهه چيو ته اسان ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ کي ترجيح ڏين ها، ٽيم ۾ تبديلي ڪندي شاويز کي شامل ڪيو، ڪوشش ڪنداسين ته پشاور زلمي کي 150 رنسن تائين محدود ڪري سگهون.
پي ايس ايل جي پوائنٽس ٽيبل تي لاهور قلندرز پهرين ۽ پشاور زلمي چوٿين نمبر تي آهي.