وفاقي وزير خواجا آصف اعتراف ڪندي چيو آهي ته پاڪستان ڊيفالٽ ٿي نه رهيو آهي، ٿي چڪو آهي، ڪراچي پوليس آفيس حملي ۾ سيڪيورٽي ادارن بهادري سان دهشتگردن جو مقابلو ڪيو.
سيالڪوٽ ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي خواجا آصف چيو ته اسان ڏيوالي نڪتل ملڪ جا رهواسي آهيون،اسان کي پنهنجن پيرن تي بيهڻو پوندو.
هن چيو ته ملڪ جي سمورن مسئلن جو حل آءِ ايم ايف وٽ ناهي،پر ملڪ اندر ئي موجود آهي.
هن چيو ته اسٽيبلشمنٽ، نوڪرشاهي ۽ سياستدان سڀ موجودهه صورتحال جا ذميدار آهن…
دفاع جي وزير چيو ته ڏيڍ سال اڳ دهشتگردن کي پنهنجي سرزمين تي آباد ڪيو ويو، هڪ شخص اهڙي راند کيڏي جو دهشتگرد اسان جو مقدر بڻجي ويا آهن،سيڪورٽي فورسز گذريل سڄي رات دهشتگردن جو مقابلو ڪندي رهي.