اهم خبرون

پاڪستان

February 16, 2023 10:15 am

حڪومت جو هڪ ڌڪ، پيٽرول ۽ گيس مهانگي، پيٽرول 22 رپيا في ليٽر

حڪومت جو هڪ ڌڪ، پيٽرول ۽ گيس مهانگي، پيٽرول 22 رپيا في ليٽر ۽ گيس جي قيمتن ۾16 کان  113 سيڪڙو تائين واڌ ڪري ڇڏي،

پيٽرول جي نئين قيمت 272 رپيا في ليٽر ٿي وئي، هاءِ اسپيڊ ڊيزل 17 رپيا 20 پيسا في ليٽر مهانگو، نئين قيمت 280 رپيا مقرر، لائيٽ ڊيزل 9 رپيا 68 پيسا مهانگو ٿيڻ کانپوءِ 196 رپيا 68 پيسا في ليٽر ٿي ويو،

گاسليٽ 12 رپيا 90 پيسا مهانگو، 202 رپيا 73 پيسا في ليٽر ٿي ويو، گيس جي قيمتن ۾ 16 کان 113 سيڪڙو تائين واڌ جو نوٽفيڪيشن جاري.

کاڄرو تيل، گيهه، بسڪيٽ، سيمينٽ، موبائل فونز، سگريٽ، هوائي ٽڪيٽس، ڪولڊ ڊرنڪس، جوسز ۽ ٻيون شيون مهانگيون، جي ايس ٽي 17 مان وڌائي 18 سيڪڙو ڪيو ويو،

لگزري شين تي ٽيڪس 17 مان وڌائي 25 سيڪڙو ڪرڻ جي تجويز، حڪومت مني بجيٽ ذريعي عوام مٿان 170 ارب رپين جا اضافي ٽيڪس لاڳو ڪري ڇڏيا، ناڻي واري وزير اسحاق ڊار قومي اسيمبلي ۾ فنانس بل پيش ڪندي شادي هالز،

ڪلبز، هوٽلز، لانز ۾ ٿيندڙ تقريبن تي به 10 سيڪڙو ٽيڪس لڳائڻ جي تجويز ڏئي ڇڏي، سيمينٽ تي فيڊرل ايڪسائز ڊيوٽي ڏيڍ مان وڌائي 2 رپيا في ڪلو ڪئي وئي، موبائل فونز سميت ٻين اليڪٽرانڪ شين تي ٽيڪس لڳائڻ جي به تجويز، حڪومت دوائن، پيٽرول،

اسپورٽس جي شين لاءِ ايل سيز کولڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي، اسحاق ڊار چيو ته بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي بجيٽ 360 ارب رپين مان وڌائي400 ارب رپيا ڪري ڇڏي آهي…

 

وڌيڪ پڙهو: