پاڪستان هن وقت سنگين معاشي بحران کي منهن ڏئي رهيو آهي ۽ معيشت جي بهتري لاءِ آءِ ايم ايف کان مدد گهري پيو،
پاڪستان تي زور ڏئي رهيا آهيون ته نجي شعبي ۾ سٺو ڪمائيندڙن کي ٽيڪس نيٽ ۾ آندو وڃي ۽ غير ضروري سبسڊيز کي ختم ڪيو وڃي،
جيئن اميرن کي فائدو نه ٿي سگهي، آءِ ايم ايف جي سربراهه ڪرسٽالينا جارجيوا چيو آهي ته پاڪستان کي اهڙا قدم کڻڻ گهرجن،
جيڪي ملڪ هلائڻ لاءِ اڻٽر هجن ۽ قرضن جي ادائيگي ۾ سنگين حالتن کي منهن نه ڏيڻو پوي،
هن ڀيري آءِ ايم ايف جي پاليسي غريب عوام جو تحفظ آهي، منهنجي دل پاڪستان جي عوام لاءِ ڌڙڪي ٿي،
ڇو ته اتي ٻوڏ وڏي تباهي آندي ۽ هڪ حصو آبادي متاثر ٿي آهي.