سنڌ

March 3, 2023 2:57 pm

سنڌ اسيمبلي جي اجلاس ۾ اعتماد ۾ نه وٺڻ تي اپوزيشن ميمبر واڪ آئوٽ ڪري ويا

سنڌ اسيمبلي جي اجلاس ۾ اعتماد ۾ وٺڻ کانسواءِ بجيٽ تي بحث شروع ڪرڻ تي  اپوزيشن ميمبر احتجاج ڪندي واڪ آئوٽ ڪري ويا، صوبائي وزير مڪيش ڪمار چاولا ۽ جي ڊي اي ايم پي اي شهريار مهر وچ ۾ ڏند چڪ پڻ ٿي.

سنڌ اسيمبليءَ جو اجلاس اسپيڪر آغا سراج دراني جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن دوران اڪثر ميمبرن شرڪت نه ڪئي.

اسپيڪر آغا سراج ميمبرن جي غير حاضري تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي سيڪريٽري کي هدايت ڪئي ته جيڪي ميمبر ايوان ۾ نٿا اچن، انهن جي لسٽ ٺاهي ڏني وڃي.

اجلاس ۾ صوبائي وزير مڪيش ڪمار چاولا بجيٽ بابت بحث شروع ڪيو ته جي ڊي اي ۽ پي ٽي آءِ ميمبرن احتجاج ڪيو.

اپوزيشن ميمبرن چيو ته کين اعتماد ۾ وٺڻ کانسواءِ ئي بجيٽ کان اڳ بحث ڪيو پيو وڃي.

جي ڊي ۽ پي ٽي آءِ ميمبر ايوان مان واڪ آئوٽ ڪري ويا، جنهن بعد اجلاس سومر تائين ملتوي ڪيو ويو……..

وڌيڪ پڙهو: