پي ڊي ايم حڪومت کي ڊيگهه ڏيڻ لاءِ معاشي ايمرجنسي لڳائڻ جون ڳالهيون ٿي رهيون آهن،
ايمرجنسي لاڳو ڪئي وئي ته ان جا سيڪورٽي جي حوالي سان خطرناڪ اثر سامهون ايندا؛
پي ٽي آءِ اڳواڻ فواد چوڌري چيو آهي ته اسان جو ايٽمي پروگرام دشمنن جي پروپيگنڊا جو مرڪز هوندو،
آزادي رسمي رهجي ويندي، بيوقوفي وارين پاليسين سبب ملڪ جي سالميت داءُ تي لڳي ويندي،
ملڪ جي مستقبل سان کيڏڻ بند ڪري جلد چونڊ ڪرائي حڪومت چونڊيل نمائندن حوالي ڪئي وڃي.