اهم خبرون

پاڪستان

March 3, 2023 6:22 pm

اسٽيبلشمينٽ سان ڪو به جهيڙو ناهي: عمران خان

اسٽيبلشمينٽ سان ڪو به جهيڙو ناهي، ملڪ جي بهتري لاءِ آرمي چيف سان ڳالهائڻ لاءِ تيار آهيان،

فوج جو مضبوط هئڻ ضروري آهي، پي ڊي ايم، جَي امپائرن باوجود پنجاب ۽ ڪي پي ۾ اليڪشن کٽينداسين،

چيلينج ڪيان ٿو ته مون مٿان ۽ بشريٰ بي بي تي هڪ ٽڪي جي ڪرپشن جو ڪيس ثابت ڪيو وڃي،

پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان جون لاهور ۾ صحافين سان غير رسمي ڳالهيون،

عمران خان چيو ته حڪومت مون کي اسلام آباد ايئرپورٽ تان گرفتار ڪري بلوچستان منتقل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو هو،

ان ڪري جهاز تي وڃڻ بدران موٽروي ذريعي اسلام آباد پهتس، جن کي حفاظت ڪرڻي آهي، انهن مان ئي حياتيءَ کي خطرو آهي،

جيل کان نٿو ڊڄان، جيل ۾ وڃڻ سان وڌيڪ ووٽ پوندا آهن، جنرل ريٽائرڊ باجوا منهنجي پُٺيءَ ۾ ڇُرو هنيو،

جنرل ريٽائرڊ باجوه روس جي مخالفت ۾ تقرير به ڪئي، جنهن تي سندس ڪورٽ مارشل ٿيڻ گهرجي.

وڌيڪ پڙهو: