سنڌ ۾ ماڻهن جي اغوا وارن واقعن تي ضابطو نه آيو، هٿيار بند هڪ ئي ڏينهن اندر 6 ڄڻن کي اغوا ڪري ويا،
لکي غلام شاهه ڀرسان فتح محمد جوڻيجو کي اغوا ڪيو ويو، سجاول جوڻيجو ويجهو نوجوان لياقت ساريو اغوا ٿي ويو،
پنو عاقل جي ڪچي مان نوجوان احسان چاچڙ به مبينا طور اغوا، بخشاپورڀرسان نوجوان غلام حيدر شيخ ۽ گدا حسين شيخ پراسرار نموني گم،
وارثن پاران اغوا جو شڪ ظاهر، خيرپور ۾ مل ڪالوني جو رهواسي ميٽرڪ جو شاگرد خليل احمد ملاح پراسرار نموني گم ٿي ويو.