مسلم ليگ ن اين اي 193 راجنپور ۾ شڪست تسليم ڪري ورتي،
وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته 2018 ۾ هن تڪ تي ن ليگ جو ڪو به اميدوار نه هو، ان باوجود 53 هزار ووٽ ملڻ تي ووٽرز جا ٿورائتا آهيون،
صاف ۽ شفاف چونڊن بعد عمران خان جو نگران حڪومت ۽ اليڪشن ڪميشن تي ڌر هئڻ وارو بيانيو دفن ٿي چڪو، ڇا عمران خان هڪ سيٽ تان عدالتن تي دٻاءُ وجهندو؟ عوام نظريه ضرورت نه پر ملڪ ۾ انصاف چاهي ٿو.