ملتان سلطانز جو فاسٽ بالر شاهنواز ڏھاڻي پاڪستان سپر ليگ (پي ايس ايل) جي اٺين ايڊيشن مان ٻاهر ٿي ويو آهي.
ڏھاڻي جي ساڄي آڱر ۾ فريڪچر سبب پي ايس ايل مان ٻاهر ٿيڻ بعد ملتان سلطانز سندس جاءِ تي نوجوان فاسٽ بالر محمد الياس کي اسڪواڊ ۾ شامل ڪيو آهي.
محمد الياس ان کان اڳ ملتان سلطانز جو حصو رهيو آهي، هو ٽورنامينٽ جي باقي ميچن ۾ ملتان سلطانز جو حصو هوندو.
24 سالن جي فاسٽ بالر هن وقت تائين 51 ٽي 20 ميچن ۾ 58 وڪيٽون حاصل ڪري چڪو آهي.