اهم خبرون

پاڪستان

February 22, 2023 7:45 pm

وفاقي ڪابينا جا ميمبرز پگهارون ۽ مراعتون نه وٺندا

وفاقي ڪابينا جا ميمبرز پگهارون ۽ مراعتون نه وٺندا، وزيرن ۽ آفيسرز کان لگزري گاڏيون ۽ وڏا گهر واپس وٺي نيلام ڪرڻ جو فيصلو،

وزير ڏيهه توڙي پرڏيهه ۾ سفر اڪانومي ڪلاس ۾ ڪندا ۽ رهائش فائيو اسٽار هوٽلز ۾ نه ڪندا، گيس، بجلي، ٽيليفون ۽ پاڻي جا بل به پاڻ ڀريندا:وزيراعظم شهباز شريف ڪفايت شعاري مهم جو اعلان ڪري ڇڏيو،

ملڪ ۾ مهانگائي وڌڻ جو به خدشو ظاهر، وزيراعظم ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ وزيرن سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته مني بجيٽ پيش ڪري سياست داءَ تي لڳائي پر ملڪ کي بچائي ورتو، آءِ ايم ايف سان ڪجهه ڏينهن اندر معاملا طئي ٿي ويندا،

سرڪار آفيسرز کي هڪ کان وڌيڪ پلاٽ الاٽ نه ٿيندو، وزير يا سرڪاري آفيسر توشا خانا جا 80 هزار رپين تائين جا تحفا رکي سگهندا،

توشا خانا جا تفصيل به عام ڪيا ويندا، بجلي بچائڻ لاءِ سرڪاري آفيسز صبح جو ساڍي ستين وڳي کُلنديون،

جيڪي شادي هال ۽ شاپنگ مال رات 8 وڳي بند نه ٿيندا ته انهن جي بجلي ڪاٽي ويندي، ايندڙ ٻن سالن تائين ڪوبه انتظامي يونٽ، ڊويزن، ضلعو يا تعلقو نه ٺهندو.

وڌيڪ پڙهو: