صوبائي وزير سعيد غني چيو آهي ته ڪراچي جي ميئر شپ ڪو ڪيڪ ناهي جو ٿالهيءَ ۾ رکي جماعت اسلامي کي پيش ڪيو وڃي،
ڌمڪين جو دور گذري چڪو آهي، ٻيهر ڳڻپ سبب جماعت اسلامي جي گهٻرائڻ سبب سوال ٿي رهيا آهن، اڪثريٽ ماڻيندڙ ئي ميئر ٿيندو.
جاري ڪيل بيان ۾ سعيد غني چيو ته جماعت اسلامي عقل کان ڪم وٺي ڌمڪين جو دور گذري چڪو آهي،
جماعت اسلامي ڪراچي مان ايم اين اي ايم پي اي جي ڪا به سيٽ ناهي کٽي،
ٻيهر ڳڻپ سبب جماعت اسلامي جي گهٻرائڻ سان سوال اٿي رهيا آهن..