اهم خبرون

پاڪستان

February 22, 2023 9:39 pm

پنجاب ۽ ڪي پي ۾ چونڊن ۾ دير جو معاملو، چيف جسٽس جو پاڻمرادو نوٽيس

سپريم ڪورٽ پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه ۾ چونڊن ۾ دير جو نوٽيس ورتو آهي.

جسٽس اعجاز الاحسن ۽ جسٽس مظهر علي اڪبر نقوي پاڻمرادو نوٽيس لاءِ چيف جسٽس کي موڪلي ڇڏيو.

سپريم ڪورٽ جي 2 رڪني بينچ 16 فيبروري تي غلام محمود ڊوگر ڪيس ۾ پاڻمرادو نوٽيس ڪيس جي ٻڌڻي چيف جسٽس کي موڪلي ڇڏي هئي.

چيف جسٽس پاڻمرادو نوٽيس ڪيس جي ٻڌڻي لاءِ 9 رڪني لارجر بينچ جوڙي ڇڏي آهي.

لارجر بينچ سڀاڻي ڪيس جي ٻڌڻي ڪندي.

چيف جسٽس جي سربراهي ۾ بينچ ۾ جسٽس اعجاز الاحسن، جسٽس منصور علي شاهه، جسٽس منيب اختر، جسٽس يحيٰ آفريدي، جسٽس مظهر علي اڪبر نقوي، جسٽس جمال خان مندوخيل، جسٽس محمد علي مظهر ۽ جسٽس اطهر من الله شامل آهن.

پاڻمرادو نوٽيس جي ٻڌڻي سڀاڻي 23 فيبروري 2 وڳي ٿيندي.

سپريم ڪورٽ ٽن سوالن تي پاڻمرادو نوٽيس ورتو. پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته نوٽيس ۾ ڏٺو ويندو ته چونڊن جي تاريخ ڏيڻ جو اختيار ڪنهن وٽ آهي؟ ڏٺو وڃي ته چونڊون ڪرائڻ جي آئيني ذميواري ڪنهن کي ادا ڪرڻي آهي ۽ ڪڏهن؟ ڏٺو وڃي ته وفاق ۽ صوبن جي آئيني ذميواري ڪهڙي آهي؟

پڌرائي موجب پنجاب ۽ ڪي پي جون اسيمبليون 14 ۽ 17 جنوري تي ٽوڙيون ويون، آرٽيڪل 224-2 موجب اسيمبلي ٽوڙڻ جي 90 ڏينهن اندر چونڊون ڪرائڻ گهرجن، آئين موجب چونڊون 90 ڏينهن اندر ڪرائڻ گهرجن. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ بار، ڪي پي ڪي ۽ پنجاب اسيمبلي جي اسپيڪرن جون به درخواستون اچي ويون.

سپريم ڪورٽ جو چوڻ آهي ته سنڌ هاءِ ڪورٽ جي بينچ گورنرن جي صلاح مشوري سان چونڊن جي تاريخ جو اعلان ڪرڻ جو حڪم ڏنو، پنجاب جي گورنر ۽ اليڪشن ڪميشن هاءِ ڪورٽ جي حڪم خلاف انٽرا ڪورٽ اپيلون داخل ڪيون، جنهن تي وقت گذرڻ باوجود اليڪشن ڪميشن جي ٻڌڻي ٿي. اليڪشن جي تاريخ اڃا نه ڏني وئي آهي، صدر چونڊن جي تاريخ جو اعلان ڪري ڇڏيو، جنهن تي اعتراض اٿاريا ويا.

سپريم ڪورٽ جي فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته اسيمبليون ٽوڙڻ کانپوءِ چونڊن جي تاريخ ڏيڻ جو اختيار واضح ڪرڻ جي ضرورت آهي، ڏسڻو اهو آهي ته پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه ۾ چونڊن جي تاريخ ڪيئن ۽ ڪير ڏئي سگهي ٿو. اليڪشن ڪميشن کي سڪيورٽي سميت فنڊز نه ملڻ جي به شڪايت آهي، گورنر پنجاب وڏي وزير جي مشوري تي اسيمبلي ٽوڙي نه ڇڏي، چونڊن جي تاريخ جو اعلان ڪرڻ گورنر پنجاب جي ذميواري يا اختيار ناهي.

واضح رهي ته پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه اسيمبليون ٽوڙڻ کانپوءِ نگران سيٽ اپ ڪم ڪري رهيو آهي ۽ صوبائي گورنرن طرفان چونڊن جي تاريخ نه ڏني وئي آهي.

صدر ان معاملي تي مشاورت لاءِ اليڪشن ڪميشن کي ٻه ڀيرا خط لکيو پر اليڪشن ڪميشن مشاورت ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، جنهن بعد صدر پاڻمرادو 9 اپريل تي ٻنهي اسيمبلين جي چونڊن جي تاريخ مقرر ڪرڻ جو اعلان ڪيو.

ان اعلان بابت اليڪشن ڪميشن جي مشاورت جاري آهي.

 

وڌيڪ پڙهو: