ڪراچي ۾ فرنيچر مارڪيٽ کي باهه لڳڻ سبب ڪيترائي دڪان سڙي ويا، باهه وسائڻ دوران 2 ڄڻا زخمي ٿي پيا.
غريب آباد واري علائقي ۾ فرنيچر مارڪيٽ کي باهه لڳي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ ڪيترائي دڪان سڙي ويا.
باهه جي اطلاع تي فائر برگيڊ جون 6 گاڏيون پهتيون، جن ڪجهه دير کانپوءِ فرنيچر مارڪيٽ ۾ لڳل باهه تي ضابطو آندو.
دڪاندارن جو چوڻ هو ته باهه لڳڻ سبب 45 دڪان ۽ 2 گاڏيون سڙي ويون آهن، جڏهن ته باهه وسائڻ دوران 2 ڄڻا زخمي به ٿيا آهن.
دڪاندارن جو چوڻ هو ته باهه لڳڻ بعد فائربرگيڊ کي اطلاع ڏنو هو پر دير پهچڻ سبب سندن تمام گهڻو نقصان ٿيو آهي.
هوڏانهن فائر برگيڊ عملدارن جو چوڻ هو ته مارڪيٽ کي لڳل باهه تي ضابطو آڻي ڇڏيو آهي، ڪيترن دڪانن کي باهه لڳي ۽ ڪيترو نقصان ٿيو، ان جو ڪاٿو لڳايو پيو وڃي.