ڪراچي ۾ ڊي جي رينجرز جي صدارت هيٺ اجلاس ۾ امن امان صورتحال جو جائزو ورتو ويو، پي ايس ايل، تبليغي ميڙاڪن ۽ پاڪستان انٽرنيشنل ميري ٽائيم ايگزيبيشن ڪانفرنس دوران سيڪيورٽي کي فول پروف بڻائڻ ۽ ڪنهن به قسم جي سيڪيورٽي خدشن کي منهن ڏيڻ لاءِ رينجرز، پوليس ۽ ٻين قانون لاڳو ڪندڙ ادارن پاران گڏيل لائحه عمل جوڙيو ويو.
ڪراچي ۾ ڊي جي رينجرز سنڌ ميجر جنرل اظهر وقاص جي صدارت هيٺ سيڪيورٽي جي حوالي سان اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ڪمشنر ڪراچي، ايڊيشنل آءِ جي، ڊي آءِ جيز، ايسٽ، ويسٽ، سائوٿ، سي آءِ اي ۽ ٽرئفڪ، ڊي آءِ جي ايس اينڊ اي ايس ڊي، گهرو کاتي جو ڊپٽي سيڪريٽري، ايس ايس پي سي ٽي ڊي، پوليس، رينجرز ۽ حساس ادارن جا اعليٰ عهديدار ۽ آفيسر شريڪ ٿيا.
اجلاس دوران ڪراچي شهر ۾ امن مان جي صورتحال وڌيڪ بهتر بڻائڻ لاءِ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، جڏهن ته پي ايس ايل، تبليغي ميڙاڪن ۽ پاڪستان انٽرنيشنل ميري ٽائيم ايگزيبيشن ڪانفرنس دوران سيڪيورٽي صورتحال جو جائزو ورتو ويو.
اجلاس ۾ ڪراچي ۾ موجوده امن امان جي صورتحال ۽ سيڪيورٽي انتظامن جي حوالي سان پي ايس ايل، تبليغي ميڙاڪن ۽ ميري ٽائيم ايگزيبيشن ڪانفرنس دوران سيڪيورٽي کي فول پروف بڻائڻ ۽ ڪنهن به قسم جي سيڪيورٽي خدشن کي منهن ڏيڻ لاءِ رينجرز، پوليس ۽ ٻين قانون لاڳو ڪندڙ ادارن پاران گڏيل لائحه عمل جوڙيو ويو.