اهم خبرون

پاڪستان

February 15, 2023 7:29 pm

لاهور هاءِ ڪورٽ عمران خان جي پيشي کانسواءِ ضمانت رد ڪري ڇڏي

لاهور هاءِ ڪورٽ پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) جي چيئرمين عمران خان جي عدالت ۾ پيش نه ٿيڻ تي ضمانت منظور ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.

لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ جسٽس طارق سليم شيخ ميڊيڪل گرائونڊ ۾ عمران خان جي حفاظتي ضمانت واري درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.

پي ٽي آءِ چيئرمين جي وڪيل عدالت ۾ دليل ڏيندي چيو ته ميڊيڪل رپورٽ موجب هلڻ مشڪل آهي، عمران خان لاڳاپيل عدالت ۾ پيش ٿيڻ چاهي ٿو.

درخواستگذار جي وڪيل چيو ته عمران خان ميڊيڪل موجب ٽن هفتن تائين ٻيهر نه ٿو هلي سگهي، ميڊيڪل گرائونڊ تي حفاظتي بانڊ ڏنو وڃي.

عدالت پڇاڻو ڪيو ته حفاظتي ضمانت جو ڪهڙو قانون آهي؟، حفاظتي ضمانت ۾ جوابدار جو پيش ٿيڻ ضروري آهي، جيڪڏهن ڪو مسئلو آهي ته ايمبولينس ۾ اچو، قانون سڀني لاءِ برابر آهي.

جسٽس طارق سليم رمارڪس ڏنا ته اصولي طور مون کي اها درخواست خارج ڪرڻ گهرجي، پر مان رعايت ڪري رهيو آهيان.

وڌيڪ پڙهو: