لاهور هاءِ ڪورٽ، پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان کي گرفتار ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو،
8 ڪيسز ۾ حفاظتي ضمانت منظور، لاهور جي ٽن ڪيسز ۾ 10 ڏينهن ۽ اسلام آباد جي 5 ڪيسز ۾ هڪ هفتي جي حفاظتي منظور ڪئي وئي،
ٻڌڻي دوران پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان چيو ته اسان خلاف انتقامي ڪارروايون ڪيون پيون وڃن،
هڪ ڪيس ۾ ضمانت وٺڻ بعد ٻيو ڪيس داخل ڪيو ويندو آهي، منهنجي گهر اهو ٿيو، جيڪو اڳ ڪڏهن نه ٿيو،
سڪيورٽي خدشن سبب عدالت تبديل ڪرڻ جو چيو، عدالتن ۾ پيشي ڊيٿ ٽريپ آهي، عدالت رمارڪس ڏنا ته نظام سان گڏ رهو ته ٺيڪ رهندو،
توهان پنهنجي قدمن تي نظرثاني ڪريو، عدالت عمران خان خلاف داخل سمورن ڪيسز جو تفصيل به گهري ورتو.