پاڪستان

February 20, 2023 11:37 am

لاهور هاءِ ڪورٽ عمران خان جي گاڏي کي عدالتي احاطي ۾ داخل ٿيڻ واري درخواست کي رد ڪري ڇڏي

لاهور هاءِ ڪورٽ عمران خان جي گاڏي کي عدالتي احاطي ۾ داخل ٿيڻ واري درخواست کي رد ڪري ڇڏي، عدالت رمارڪس ڏيندي چيو آهي ته عمران خان جي سيڪيورٽي کي يقيني  بڻايو وڃي.

لاهور هاءِ ڪورٽ ۾  پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان جي حفاظتي ضمانت واري درخواست تي ٻڌڻي ٿي.

جسٽس عابد عزيز شيخ انتظامي جج جي حيثيت سان فيصلو ٻڌائيندي عمران خان جي گاڏي کي عدالتي احاطي ۾ داخل ٿيڻ واري درخواست کي رد ڪري ڇڏيو.

عمران خان جي وڪيلن گاڏي کي عدالت جي احاطي ۾ آڻڻ لاءِ انتظامي سطح تي درخواست داخل ڪرائي.

عدالت رمارڪس ڏيندي چيو ته پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان جي سيڪيورٽي  کي يقيني بڻايو وڃي.

ٻئي طرف عمران خان جي سڪيورٽي ٽيم عدالت ۾ سيڪيورٽي انتظامن جو جائزو وٺڻ لاءِ دورو به ڪيو.

وڌيڪ پڙهو: