توهان پاڻ چئي رهيا هيا ته گرفتار ڪيو، هاڻي گرفتار ٿي ويا آهيو ته تڪڙ ڇا جي آهي؟؛
لاهور هائيڪورٽ جا پي ٽي آءِ جي جيل ڀريو تحريڪ ۾ گرفتاري ڏيندڙ اڳواڻن جي بازيابيءَ واري درخواست تي ٻڌڻيءَ دوران ريمارڪس،
پي ٽي آءِ جي وڪيل چيو ته ضمانت نه پر حقن جو تحفظ چاهيون ٿا، جسٽس شهرام سرور جي ريمارڪس ۽ وڪيل جي دليلن تي عدالت ۾ ٽهڪڙا مچي ويا،
عدالت چيف سيڪريٽري کان اڄ ئي جواب طلب ڪرڻ واري درخواست رد ڪري ڇڏي.