ڪراچي پوليس آفيس تي حملي ۾ شهيد ٿيل رينجرز جي سب انسپيڪٽر تيمور شهزاد جي نماز ادا ڪئي وئي، جنازي نماز ۾ وڏي وزير مراد علي شاهه، آءِ جي سنڌ، ڪورڪمانڊر ڪراچي ۽ ڊي جي رينجرز شرڪت ڪئي، وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته شهيدن جو رت رائيگان نه ويندو،
سندن ڪٽنب جي ڪفالت ڪئي ويندي، رينجرز جي شهيد سب انسپيڪٽر تيمور جو مڙهه ملتان ۽ شهيد پوليس اهلڪار غلام عباس لغاري جو مڙهه لاڙڪاڻي روانو ڪيو ويو.
گذريل ڏينهن ڪراچي پوليس آفيس تي دهشتگردن جي حملي ۾ شهيد ٿيل رينجرز جي سب انسپيڪٽر تيمور شهزاد جي جنازي نماز رينجرز هيڊ ڪوارٽرز جناح گرائونڊ ۾ ادا ڪئي وئي، جنازي نماز ۾ وڏي وزير مراد علي شاهه، آءِ جي سنڌ، ڪورڪمانڊر ڪراچي ۽ ڊي جي رينجرز شرڪت ڪئي.
رينجرز جي شهيد سب انسپيڪٽر تيمور جو مڙهه ملتان ۽ شهيد پوليس اهلڪار غلام عباس لغاري جو مڙهه لاڙڪاڻي روانو ڪيو ويو.
وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته پوليس رينجرز جي جوانن بهادري سان دهشتگردن جو مقابلو ڪيو، شهيدن جي قرباني هميشه ياد رکي ويندي.
وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته سنڌ حڪومت شهيدن جي ڪٽنبن جي ڪفالت ڪندي .