پوليس ۽ رينجرز جي جوانن رت جو نذرانو ڏئي ڪراچي پوليس آفيس تي حملي کي ناڪام بڻائي ڇڏيو،
دهشتگردن سان مقابلو ڪندڙ رينجرز ۽ پوليس جي هڪ هڪ جوان سميت 4 ڄڻا شهيد، هڪ دهشتگرد پاڻ کي ڌماڪي سان اڏائي ڇڏيو، ٻن دهشتگردن کي ڪمانڊوز نشانو بڻايو،
آپريشن مڪمل ٿيڻ تي جوانن پاران الله اڪبر جا نعرا، مقابلي ۾ مارجي ويل ٽن دهشتگردن مان ٻن جي سڃاڻپ ٿي وئي، دهشتگرد گرد زالا نور جو تعلق اتر وزيرستان ۽ دهشتگرد ڪفايت الله لڪي مروت جو رهواسي هو.
CM #Sindh @MuradAliShahPPP appreciating the efforts of law-enforcement agencies for fighting against the terrorists & clearing the #KarachiPoliceOffice pic.twitter.com/tpwk1ZCRkg
— Sindh Information Department (@sindhinfodepart) February 17, 2023
ڪي پي او تي حملي ۾ شهيد ٿيل رينجرز ۽ پوليس جي جوان جي جنازي نماز ادا ڪئي وئي، جنازي نماز ۾ وڏي وزير مراد علي شاهه، آءِ جي سنڌ، ڪورڪمانڊر ڪراچي ۽ ڊي جي رينجرز جي شرڪت، رينجرز جي شهيد سب انسپيڪٽر تيمور جو مڙهه ملتان ۽ پوليس جي شهيد اهلڪار غلام عباس لغاري جو مڙهه لاڙڪاڻي روانو ڪيو ويو.