سنڌ

March 11, 2023 3:25 pm

ڪراچي پوليس پاران نوشھروفيروز ۽ نوابشاهه جي پوليس اهلڪارن کي ڪراچي ۾ ڦر ڪرڻ دوران سوگها

ڪراچي پوليس نوشھروفيروز ۽ نوابشاهه جي پوليس اهلڪارن کي ڪراچي ۾ ڦر ڪرڻ دوران سوگهو ڪري ورتو، نوشهروفيروز پوليس موجب، ڪراچي ۾ گرفتار ٿيل پوليس اهلڪارن جي ڊيوٽي سيوهڻ ۾ قلندر جي ميلي تي لڳل هئي، سندن خلاف محڪماڻي ڪارروائي ڪئي ويندي.

ڪراچي پوليس نوشھروفيروز ۽ نوابشاهه جي پوليس اهلڪارن کي ڪراچي ۾ ڦر ڪرڻ دوران سوگهو ڪري ورتو آهي.

ڪراچي پوليس موجب، گرفتار ڪيل اهلڪارن ۾  صدام بھڻ، نقيب سولنگي ۽ ممتاز بروهي شامل آهن.

ڪراچي پوليس موجب، اهلڪار ساٿين سان گڏ ڦر ڪري رهيا هئا ته کين گرفتار ڪيو ويو، وڌيڪ جاچ ڪري رهيا آهيون.

ٻئي طرف نوشهروفيروز پوليس موجب، ڪراچي ۾ گرفتار ٿيل پوليس اهلڪارن جي ڊيوٽي سيوهڻ ۾ قلندر جي ميلي تي لڳل هئي، سندن خلاف محڪماڻي ڪارروائي ڪئي ويندي.

 

وڌيڪ پڙهو: