سنڌ

February 24, 2023 5:02 pm

ڪراچي: اسٽيل ٽائون مان هٿيارن سان ڀريل ٻورا هٿ

ڪراچي: پوليس اسٽيل ٽائون مان هٿيارن سان ڀريل 6 ٻورا هٿ ڪري ورتا.

پوليس اختيارين موجب اسٽيل ٽائون مان وڏي انگ ۾ هٿيار هٿ ڪيا ويا آهن، جن ۾ 64 شاٽ گن، 14 پستول، ميٽل ڊيڪٽر ۽ وائرليس شامل آهن.

پوليس موجب ڪارروائي ٽول پلازه ڀرسان مٽي روڊ تي ڪئي وئي، جوابدارن هٿيار زمين ۾ لڪايا هئا، جڏهن ته ڪارروائي دوران جوابدار فرار ٿي ويا.

وڌيڪ پڙهو: