سپريم ڪورٽ جي جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ڪيس ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪرڻ واري طريقيڪار تي اعتراض واريندي ٻڌڻيءَ کان انڪار ڪري ڇڏيو،
جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ۽ جسٽس يحيٰ آفريدي پاران ڪيسز جي ٻڌڻيءَ جو طريقيڪار معلوم ڪرڻ بعد رجسٽرار پيش ٿي ٻڌايو ته کين چيف جسٽس جو سيڪريٽري بينچ تبديل ڪرڻ ۽ مقرر ڪرڻ لاءِ چوندو آهي،
جسٽس قاضي فائز عيسيٰ رمارڪس ڏنا ته ڇا سپريم ڪورٽ جو اسٽاف بينچ تبديل ڪندو؟ اوچتو بينچ تبديل ڪرڻ سان شڪ شبها جنم وٺندا آهن، درخواستگذارن ۽ سندن وڪيلن کان معذرت ڪيان ٿو ته اڄ ڪيسز جي ٻڌڻي نٿو ڪري سگهان.