سنڌ هائيڪورٽ ڪچي ۾ گڏيل آپريشن لاءِ سنڌ ڪابينا کان منظوري وٺڻ جو حڪم ڏئي ڇڏي،
آءِ جي سنڌ، وفاقي ۽ صوبائي گهرو سيڪريٽري 2 مارچ تي ذاتي حيثيت ۾ طلب، جسٽس صلاح الدين پنهور ريمارڪس ڏيندي چيو ته رڳو 10 سردارن ۾ هٿ وجهو ته ڌاڙيل پاڻ پيش ٿي ويندا،
ڌاڙيلن خلاف آپريشن ۾ فوج ۽ رينجرز کي به شامل ڪيو وڃي، ايس ايس پي گهوٽڪي چيو ته جديد هٿيار ڏنا وڃن ته 6 مهينن ۾ ڪچو خالي ڪرائيندس،
نه عهدو ڇڏي ڏيندس.