صوبائي وزير شرجيل ميمڻ پي ٽي آءِ کي سنڌ ۾ جيل ڀريو تحريڪ لاءِ ڀرپور سهڪار ڪرڻ جي آڇ ڪري ڇڏي،
شرجيل ميمڻ چيو آهي ته جيل ڀريو تحريڪ جو اعلان ڪندڙن جون ڄنگهون ڏڪي رهيون آهن،
سنڌ ۾ گرفتاري ڏيندڙ پي ٽي آءِ وارن کي پڪ اينڊ ڊراپ سروس به مفت ۾ ڏني ويندي، رڳو پي ٽي آءِ وارا نالا لکرائين.
سڌ سماءَ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ چيو ته جيل ڀريو تحريڪ جي ڪاميابي لاءِ سموري قوم دعاگو آهي،
پر افسوس جيل ڀريو تحريڪ جو اعلان ڪندڙن جون ڄنگهون ڏڪي رهيون آهن.
شرجيل انعام ميمڻ چيو ته تحريڪ انصاف سنڌ ۾ ڀرپور طريقي سان هن تحريڪ کي ڪامياب ڪري،
اسان سندن مدد لاءِ تيار آهيون،گرفتاري ڏيندڙن لاءِ فري پڪ اينڊ ڊراپ به فراهم ڪري سگهون ٿا، پي ٽي آءِ وارا رڳو نالا لکرائين.