اهم خبرون

پاڪستان

March 10, 2023 9:22 pm

اسلامو فوبيا تيزي سان پکڙجي رهي آهي: پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري

پاڪستان اسلامو فوبيا کي منهن ڏيڻ لاءِ گڏيل قومن جو خاص نمائندو مقرر ڪرڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو،

دهشتگردي جو ڪنهن به مذهب سان واسطو ناهي اها صرف دهشتگردي ئي آهي، اسلام کي دهشتگردي سان ڳنڍڻ سبب به ڪيترائي معاملا خراب ٿيا آهن،

گڏيل قومن ۾ اسلامو فوبيا بابت تقريب کي خطاب ڪندي پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته بدقسمتي سان وڏن وڏن جمهوري ملڪن ۾ اسلامو فوبيا تيزي سان پکڙجي رهي آهي،

جنهن کي روڪڻ لاءِ سڀني کي ڪردار ادا ڪرڻو پوندو، 15 مارچ کان عالمي سطح تي اسلامو فوبيا خلاف عالمي ڏهاڙو ملهايو ويندو،

سوشل ميڊيا ۽ ٻين پليٽ فارمز تي مسلمانن خلاف وڌندڙ انتهاپسندي ۽ نفرت کي روڪڻ لاءِ عالمي برادري ڪردار ادا ڪري،

اسلامو فوبيا جي واقعن ۾ ملڪيتن کي نقصان پهچائيندڙن جو به احتساب ڪرڻ گهرجي.

وڌيڪ پڙهو: