اسلام آباد هاءِ ڪورٽ توشه خانه ڪيس ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان جا گرفتاري وارنٽس برقرار رکندي درخواست اُڪلائي ڇڏي،
ٽرائل ڪورٽ ۾ حلف نامو جمع ڪرائڻ جو حڪم، ٻڌڻي دوران پي ٽي آءِ سربراهه جي وڪيل چيو ته لاهور ۾ جيڪو ڪجهه ٿئي پيو،
اهو افسوسناڪ آهي، عمران خان حلف نامو ڏنو آهي ته هو ايندڙ ٻڌڻي تي پيش ٿي ويندو،
چيف جسٽس رمارڪس ڏيندي چيو ته عدالتن جي عزت ۽ احترام انتهائي اهم آهي،
ايئن نه ٿيڻ گهرجي ته قانون سڀني لاءِ برابر نه هجي، لاهور ۾ جيڪو ڪجهه ٿئي پيو،
اسان دنيا کي ڪهڙو رُخ ڏيکاري رهيا آهيون، ايئن ته قبائلي علائقن ۾ ٿيندو هو،
هڪ سياسي پارٽي جا ڪارڪن پوليس تي حملا ڪري رهيا آهن، اهو ته رياست تي حملو آهي،
عدالت عمران خان جي درخواست اُڪلائيندي حڪم ڏنو ته ايندڙ ٻڌڻي تي پيش ٿيڻ وارو حلف نامو ٽرائل ڪورٽ ۾ جمع ڪرايو وڃي،
ٽرائل ڪورٽ قانون موجب انڊر ٽيڪنگ کي ڏسندي.