اسلام آباد هاءِ ڪورٽ قتل جي ڪوشش ڪيس ۾ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي عبوري ضمانت منظور ڪري ڇڏي.
اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس عامر فاروق عمران خان جي ضمانت واري درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.
سنڌ هاءِ ڪورٽ عمران خان جي ضمانت واري درخواست منظور ڪري ورتي.
عدالت عمران خان کي هڪ لک رپين جا ضمانتي مچلڪا جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏيندي سندس 9 مارچ تائين عبوري ضمانت منظور ڪري ورتي.
عمران خان اٿي بيٺو ۽ عبوري ضمانت تي عدالت جو شڪريو ادا ڪيو.
واضح رهي ته محسن شاهنواز رانجها عمران خان خلاف قتل جي ڪوشش جي ايف آءِ آر داخل ڪرائي هئي.
اليڪشن ڪميشن ٻاهران احتجاج جي ڪيس ۾ عمران خان جي اي ٽي سي ۾ ضمانت منظور ڪئي وئي،
جڏهن ته بينڪنگ ڪورٽ ۾ به منع ٿيل فنڊنگ ڪيس ۾ عمران خان جي ضمانت منظور ڪئي وئي.
توشه خانا ڪيس ۾ ايڊيشنل سيشن جج عمران خان جا ناقابل ضمانت گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا.