اسلام آباد جي عدالت توشه خانه ڪيس ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان جا ناقابل ضمانت گرفتاري وارنٽ رد ڪرڻ جي درخواست رد ڪري ڇڏي.
تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان جي وڪيلن اسلام آباد جي سيشن ڪورٽ پاران جاري ڪيل ناقابل ضمانت گرفتاري وارنٽ رد ڪرڻ لاءِ عدالت ۾ درخواست داخل ڪرائي وئي هئي . جنهن کي اسلام آباد جي سيشن ڪورٽ محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌائيندي درخواست رد ڪري ڇڏي.
واضح رهي ته اسلام آباد جي ايڊيشنل سيشن جج ظفر اقبال 28 فيبروري تي توشه خاني سان لاڳاپيل فوجداري ڪيس ۾ پيش نه ٿيڻ تي عمران خان جا ناقابل ضمانت وارنٽ جاري ڪيا هئا. ان ڏينهن تحريڪ انصاف جي چيئرمين تي ڪيس ۾ فرد جرم لاڳو ٿيڻو هو پر هو طلب ڪرڻ باوجود عدالت ۾ پيش نه ٿيو.
ڪالهه اسلام آباد پوليس ان وارنٽ جو نوٽيس وٺڻ لاءِ زمان پارڪ لاهور پهتي جتي پي ٽي آءِ ڪارڪنن ۽ پوليس وچ ۾ ڇڪتاڻ ٿي.