پاڪستان

February 25, 2023 6:06 pm

اسلام آباد بينڪنگ ڪورٽ عمران خان کي 28 فيبروري تي پيش ٿيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

اسلام آباد جي بينڪنگ ڪورٽ منع ٿيل فنڊنگ ڪيس ۾ عمران خان کي 28 فيبروري تي پيش ٿيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

بينڪنگ ڪورٽ اسلام آباد ۾ چيئرمين پي ٽي آءِ ۽ ٻين خلاف فارن ايڪسپينج ايڪٽ تحت منع فنڊنگ ڪيس جي ٻڌڻي ٿي.

عمران خان جي قانوني ٽيم پاران اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي آرڊر ڪاپي عدالت ۾ پيش ڪئي.

بينڪنگ ڪورٽ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي حڪم جي روشني ۾ عمران خان کي 28 فيبروري تي پيش ٿيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

بينڪنگ عدالت جي جج رخشندا شاهين ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، ڪيس جي ٻڌڻي28 فيبروري تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

وڌيڪ پڙهو: