اهم خبرون

پاڪستان

February 10, 2023 10:57 am

آءِ ايم ايف سان معاهدي تحت 170 ارب رپين جا نوان ٽيڪس لاڳو ٿيندا

آءِ ايم ايف سان معاهدي تحت 170 ارب رپين جا نوان ٽيڪس لاڳو ٿيندا، ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار مني بجيٽ آڻڻ جو اشارو ڏئي ڇڏيو،

اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي اسحاق ڊار چيو ته اتحادي حڪومت عمران سرڪار جي دور ۾ ٿيل معاهدي تي عمل ڪري رهي آهي،

ڪوشش هوندي ته پاڪستان ٻيو ڀيرو آءِ ايم ايف جو پروگرام مڪمل ڪري، آءِ ايم ايف پئڪيج ۾ 170 ارب رپين جا نوان ٽيڪس لاڳو ٿيندا،

ڪوشش هوندي ته اهڙو ٽيڪس نه لڳايو وڃي، جنهن سان عوام تي سڌي ريت بار پوي، آءِ ايم ايف جو پروگرام مڪمل ٿيڻ سان هڪ ڏهائي 2 ارب ڊالرز ملندا، گيس جـَي شعبي ۾ گردشي قرض ختم ڪرڻا پوندا،

پيٽرول تي وڌيڪ ليوي ٽيڪس لاڳو نه ٿيندي، ڊيزل تي رهيل 10 سيڪڙو ليوي لڳائي ويندي.

 

وڌيڪ پڙهو: