اهم خبرون

سنڌ

March 8, 2023 10:33 am

سنڌ سميت سڄي دنيا ۾ اڄ عورتن جو عالمي ڏينهن ملهايو پيو وڃي

سنڌ سميت سڄي دنيا ۾ اڄ عورتن جو عالمي ڏينهن ملهايو پيو وڃي،

وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته عورتن جو عالمي ڏينهن معاشري ۾ عورتن جي اهم ڪردار کي تسليم ڪرڻ ۽ انساني تهذيب جي ارتقا ۾ سندن خدمتن جو اعتراف ڪرڻ جو ڏينهن آهي،

تاريخ شاهد آهي ته انساني سماج جي ترقي عورتن جي تعميري ڪردار کانسواءِ ممڪن ناهي، پاڪستان تحريڪ ۾ فاطمه جناح هجي يا محترمه بينظير ڀٽو شهيد هجي يا وري ملالا يوسفزئي هجي،

پاڪستان جي ترقي ۾ عورتن جي ڪردار کي رد ڪري نه ٿو سگهجي، صدر عارف علوي چيو آهي ته پاڪستان جي ترقي ۽ عورتن کي بااختيار بڻائڻ لاءِ اهم قدم کنيا ويا آهن.

 

 

وڌيڪ پڙهو: