شوبز

February 11, 2023 3:14 pm

ڀارتي اداڪار ڪرن ڪندرا اذان جي احترام ۾ پريس ڪانفرنس روڪي ڇڏي

ممبئي: ڀارتي ٽي وي اداڪار ڪرن ڪندرا پنهنجي نئين ڊرامي جي پروموشن دوران ازان ٻڌڻ کانپوءِ پريس ڪانفرنس ڪرڻ ڇڏي ڏني.

ڀارتي اداڪار ڪرن ڪندرا جي هڪ وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي رهي آهي جنهن ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته اداڪار پنهنجي نئين ڊرامي جي پروموشن لاءِ پريس ڪانفرنس ڪري رهيو هو ته اوچتو اذان جو آواز ٻڌڻ ۾ آيو، ميڊيا 2 منٽن تائين خاموشي اختيار ڪئي. نماز جي اذان جو احترام ڪندي ڪانفرنس نند ڪرڻ جي درخواست ڪئي.

سوشل ميڊيا تي ڪرن ڪندرا جي اذان جي حوالي سان خاموشي اختيار ڪرڻ تي ساراهه ڪئي پئي وڃي، سوشل ميڊيا واهيپيدار  جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن اسان سڀ هر مذهب جو هڪ جهڙو احترام ڪريون ته دنيا امن جو گُهرو بڻجي سگهي ٿي.

هڪ واهيپيدار  جو چوڻ هو ته ”نفرت هر ڪو ڪمائي ٿو پر پيار ڪو نه ٿو ڪري.“ فرزين اختر نالي هڪ صارف لکيو ته ”هاڻي اسان جو فرض آهي ته هن انسان جي عزت ڪريون.

واضح رهي ته 38 سالن جو ڪرن ڪندرا جلد ئي پنهنجي ڪو اسٽار تيجسوي پراڪاش سان شادي ڪرڻ وارو آهي ۽ ٻنهي جي جوڙي ڀارت سميت سوشل ميڊيا تي تمام گهڻي مقبول آهي.

 

وڌيڪ پڙهو: