اهم خبرون

سنڌ

March 10, 2023 5:43 pm

عمران جي ايجنڊا سياسي نه پر فسادي آهي: صوبائي وزير شرجيل ميمڻ

صوبائي وزير شرجيل ميمڻ چيو آهي ته عمران جي ايجنڊا سياسي نه پر فسادي آهي، سڀ ڪجهه پاڪستان خلاف ڪري رهيو آهي، جنهن جون ثابتيون به موجود آهن، عمران کي قتدار ۾ آڻڻ لاءِ راهه هموار ڪندڙ ثاقب نثار خلاف سپريم جوڊيشل ڪائونسل ۾ ريفرنس داخل ٿيڻ گهرجي،

خدشن جي خاتمي تائين آدمشماري کي تسليم نه ڪنداسين، خواهش آهي ته آدمشماري تي سڀني کي اعتماد ۾ ورتو وڃي ۽ ڊيٽا سنڌ حڪومت وٽ به هئڻ گهرجي.

ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته ڊجيٽل آدمشماري تي سنڌ حڪومت کي خدشا آهن،

خدشا ختم ٿيڻ تائين  آدمشماري جي نتين کي قبول نه ڪيو ويندو.

هن چيو ته وفاق آدمشماري بابت خدشا ختم ڪرائڻ جي خاطري ڪرائي آهي،

پيپلز پارٽي چيئرمين ڪيترائي ڀيرا آدمشماري بابت ڳالهايو، آدمشماري ۾ هر ماڻهو کي ڳڻيو ويندو.

شرجيل ميمڻ چيو ته مهانگائي سبب ماڻهو پريشان آهن، سنڌ حڪومت کي احساس آهي،

وڏو وزير چاهي ٿو ته رمضان جي مهيني ۾ عوام کي وڌ کان وڌ رليف فراهم ڪيو وڃي،

رمضان ۾ ذخيرو ڪندڙن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي.

وڌيڪ پڙهو: