سنڌ

March 11, 2023 1:04 pm

عمران نيازي اڃا به ڪجهه ادارن ۽ ماڻهن جو لاڏلو آهي: صوبائي وزير سعيد غني

صوبائي وزير سعيد غني چيو آهي ته عمران خان جڏهن اسيمبليون ٽوڙيون ان وقت ئي کيس گرفتار ٿيڻ گهرجي ها، عمران نياز اڄ به عدليا ۽ ميڊيا سميت ڪيترن ئي ماڻهن جو دادلو آهي.

ڪراچي ۾ عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي صوبائي وزير سعيد غني چيو آهي ته سياسي سرگرمين ۾ تشدد نه ٿيڻ گهرجي، پي ٽي آءِڪارڪن جو فوت ٿيڻ وارو واقعو افسوسناڪ هو، ان جي جاچ ٿيڻ گهرجي، جيڪي ذميوار آهن، انهن خلاف ڪارروائي ٿيڻ گهرجي.

هن چيو ته عمران نيازي جي گرفتاري ان وقت ئي ٿيڻ گهرجي ها، جڏهن پاڻ سپريم ڪورٽ چيو هو ته هن آئين ۽ آرٽيڪل 6 جي ڀڃڪڙي ڪندي غلط طريقي سان اسيمبليون ٽوڙيون هيون.

سعيد غني چيو ته ان وقت به عمران نيازي سڀني جو لاڏلو هو، ان جي ڪري هو گرفتار نه ٿيو، کيس رليف ملندورهيو.

هن چيو ته حليم عادل شيخ جي  وڪيل وٽ دليل نه آهن، جنهن سبب هو ڪيس هلائڻ نه ٿا چاهين، جيڪي الزام هن مون تي لڳايا آهن، انهن کي هو ثابت نه ٿو ڪري سگهي.

سعيد غني چيو ته، حليم عادل شيخ کي خبر آهي ته سمورا لڳايل الزام ڪوڙا آهن، عدالت ۾ صاف چئي ڇڏيو آهي ته جيڪڏهن ڏوهه مون تي ثابت ٿيو ته معافي گهرڻ لاءِ تيار آهيان.

صوبائي وزير چيو ته، جيڪڏهن مون تي لڳايل ثابت  نه ٿيا ته حليم عادل شيخ کي معافي وٺڻي پوندي..

 

وڌيڪ پڙهو: