عمران خان جو عدالتن مان ڀڄڻ بزدلي جي انتها آهي، هو پنهنجي ئي آءِ ايم ايف پروگرام جي بحالي کي ناڪام ڪرائڻ چاهي ٿو،
روڊن تي ڏڦيڙ ۽ وڳوڙ ئي عمران جي ايجنڊا آهي: وزيراعظم جا پي ٽي آءِ سربراهه مٿان تنقيدي وار، شهباز شريف چيو آهي ته بزدل ماڻهو عدالتن کي تلاشي نه ٿو ڏئي ڇو ته هو ڏوهاري آهي، نواز شريف ۽ مسلم ليگ (ن) جي قيادت نيب نيازي جي بدترين انتقامي ڪاررواين کي منهن ڏنو،
هو پنهنجن پٽن، ڌيئرن ۽ ڀينرن سميت ڪوڙن ڪيسن ۾ عدالتن ۽ قانون آڏو پيش ٿيا،
عمران خان ملڪ ۾ عدم استحڪام جي باهه ڀڙڪائڻ چاهي ٿو، هو نٿو چاهي ته غريب عوام کي مهانگائي ۽ معاشي دٻاءُ مان رليف ملي.