فيض حميد خلاف جاچ ادارا انڪوائري ڪري رهيا آهن، ڪا به اڳڀرائي سامهون آئي ته آگاهه ڪيو ويندو،
فيض حميد جو ڪورٽ مارشل ادارو ئي ڪري سگهي ٿو، وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله جي اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس،
سندس چوڻ آهي ته عمران خان کي وڌيڪ رليف ملڻ سبب عدليه تي جانبداري تي سوال اٿي رهيا آهن،
عمران خان کي انجام تي پهچائڻ کانسواءِ ملڪ ترقي نٿو ڪري سگهي، عمران خان ڪيسيتائين بيڊ هيٺان لڪندو،
هڪ نه هڪ ڏينهن کيس قانون کي منهن ڏيڻو پوندو.