پاڪستان

March 16, 2023 12:16 pm

عمران خان ڪارڪنن جا لاش چاهي ٿو پر اسان لاش ڏيڻ نٿا چاهيون

اسلام آباد: بچاءَ واري وزير خواجا آصف جو چوڻ آهي ته عمران خان 5 کان 8 ڪارڪنن جا لاش وٺڻ چاهيا پر اسان کين لاش ڏيڻ نٿا چاهيون.

خواجا آصف چيو ته صدر عارف علوي سان ياسمين راشد جي ڳالهه ٻولهه جي آڊيو مان ثابت ٿئي ٿو ته هي ماڻهو اڃا به اسٽيبلشمينٽ سان ڳالهائڻ چاهين ٿا، ان آڊيو مان ثابت ٿئي ٿو ته پي ٽي آءِ ڪارڪن تشدد ۾ ملوث هئا.

خواجا آصف چيو ته عمران خان کي عدليه مان رليف ملي رهيو آهي، (ن) ليگ کي اهو نه مليو، (ن) ليگ ۾ ننڍي ڪمزوري ٿي سگهي ٿي پر ان جو داستان ڪمزور ناهي.

بچاءَ واري وزير چيو ته عمران خان 5 کان 8 ڪارڪنن جا لاش وٺڻ چاهيا پر اسان کين لاش ڏيڻ نٿا چاهيون.

وڌيڪ پڙهو: