ن ليگ جي اڳواڻ ۽ وزير اعظم جي گهرو معاملن جي خاص معاون عطا تارڙ چيو آهي ته عمران خان عدالتن جو نالو ٻڌي ڊڄي وڃي ٿو.
ميڊيا سان ڳالهائيندي عطا تارڙ چيو ته عمران ٻين ڪمن لاءِ فٽ آهي رڳو عدالتن ۾ وڃي نه ٿو سگهي.
وزيراعظم جي خاص معاون عطا تارڙ چيو ته جيڪي سهولتون عمران خان کي ملي رهيون آهن اهي ٻين کي ناهن مليون.
هن چيو ته عمران خان کي ضمانت لاءِ عدالت وڃڻو ئي پوندو. عمران خان جي صحت جي حوالي سان ميڊيڪل ٽيم جوڙي وڃي.
خاص معاون چيو ته لاڏلي کي وڏي رعايت ڏني پئي وڃي،ٻين کي اهڙو رليف ناهي ملندو،عمران خان 6 ڀيرا ٻڌڻيون ملتوي ڪرائي به عدالت ۾ پيش نه ٿيو، سچي ۽ حقيقت تي ٻڌل ميڊيڪل رپورٽ عدالت ۾ جمع ڪرائي وڃي.
هن چيو ته جيل ڀريو تحريڪ رڳو عمران خان جو نعرو آهي، عمران خان اڳوڻي آرمي چيف جنرل باجوه جي واکاڻ ڪندي ٿڪجندو نه هو، عمران خان چاهي ٿو ته زمان پارڪ ۾ عدالت لڳائي وڃي.