سڌ سماءَ واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته عمران خان ڪوڙا ڪيس ٺاهيا، ڪوڙا شاهد تيار ڪيا، اڄ ڪوڙو شاهد بي نقاب ٿي ويو آهي.
اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي مريم اورنگزيب چيو ته عمران خان جي دور ۾ شهباز شريف تي بي بنياد ڪيس ٺاهيا ويا.
هن چيو ته شهباز شريف کي هڪ ڪيس ۾ سڏيو ويو ۽ ٻئي ڪيس ۾ گرفتار ڪيو ويو، اسرار سعيد کانسواءِ ن ليگ صدر خلاف ڪو به ثبوت نه مليو.
اطلاعات واري وزير وڌيڪ چيو ته اسرار سعيد کي رڳو شهباز شريف خلاف گواهي ڏيڻ لاءِ گرفتار ڪيو ويو، اڄ عدالت ۾ چيو ته مون کي گواهي ڏيڻ لاءِ ڌمڪيون ڏنيون ويون.
هن چيو ته اسرار سعيد جي گواهي کانپوءِ عمران خان ۽ شهزاد اڪبر خلاف به ڪيس ٿيڻ گهرجي.
مريم اورنگزيب چيو ته عمران خان ڊائريڪٽر جنرل (ڊي جي) ايف آءِ اي کي فون ڪري سياسي مخالفن خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جو چيو.
هن چيو ته شهباز شريف تي ڪوڙا ڪيس ٺاهڻ لاءِ شهزاد اڪبر ٽيم کي ڀرتي ڪيو ويو، طيبه گل کي به وزيراعظم هائوس مان اغوا ڪيو ويو.
سڌ سماءَ واري وفاقي وزير عمران خان جو نالو وٺڻ کانسواءِ چيو ته توهان سپر ڪرپٽ آهيو، توهان ڪوڙن ڪيسن کي درست ڪرڻ لاءِ ڪوڙا شاهد به بڻايا.
هن چيو ته ن ليگ جي قيادت اين سي اي سميت سمورن عدالتن ۾ پيش ٿي جواب ڏنو، اسان جي قيادت زخمن تي پلستر نه لڳايو.
مريم اورنگزيب چيو ته عمران خان ڪنهن به صورت ۾ جواب نه ٿو ڏئي، هر عدالت مان استثنيٰ جو مطالبو ڪيو ته منهنجي پير تي پلستر لڳل آهي.
هن چيو ته ان سڀ ڪجهه جي باوجود توهان چئو ٿا ته جنرل باجوه سپر ڪنگ هو، اصل ۾ توهان سپر ڪرپٽ هئا، جڏهن توهان کي خبر پئي ته ڪرپشن جو داستان هر عدالت ۾ پکڙجي ويو آهي ته پوءِ توهان سازشي ڪاغذ ڪڍيا.
سڌ سماءَ واري وفاقي وزير چيو ته توهان چوندا هئا ته تاريخ ۾ جنرل باجوه جهڙو فوجي اڳواڻ ناهي رهيو، جيڪڏهن باجوه هر شيءِ جو ذميوار هو ته پوءِ وزير اعظم جي آفيس ۾ ڇا ڪري رهيا هئا؟
هنن چيو ته اڄ توهان الزام لڳايو، گاريون ڏيو ۽ سڀاڻي انهن کان معافي گهرو، ڇا توهان ماڻهن کي ذهني طور معذور سمجهو ٿا؟ اڄ ڪٿي آهي سيفر پيپر؟
مريم اورنگزيب چيو ته اوهان پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي سان کيڏيو، عمران خان اڄ پاڻ چئي رهيو آهي ته ڪا عالمي يا آمريڪي سازش نه هئي.
هن چيو ته اوهان ماڻهن جي ڀينرن ۽ ڌيئرن کي گرفتار ڪري چئو ٿا ته کين سياسي انتقام جو نشانو بڻايو پيو وڃي.