اهم خبرون

پاڪستان

February 21, 2023 5:56 pm

عمران خان جي جعلي درخواست سامهون آئي آهي:اسلام آباد هاءِ ڪورٽ

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ اليڪشن ڪميشن جي توشه خانه فيصلي خلاف داخل ڪيل ڪيس مان دهشتگردي جي شقن کي خارج ڪرڻ جي درخواست تي عمران خان کي بائيو ميٽرڪ لاءِ پيش ٿيڻ جي هدايت ڪئي آهي.

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ جسٽس محسن اختر ڪياني ۽ جسٽس طارق محمود جهانگيري دهشتگردي ٽوڙ ڪيس ۾ عمران خان ۽ علي نواز اعواڻ جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.

واضح رهي ته اسلام آباد جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت لاڳاپيل ڪيس ۾ عمران خان جي عبوري ضمانت رد ڪري ڇڏي آهي.

جسٽس محسن اختر ڪياني عمران خان جي وڪيل فيصل چوڌري کان پڇاڻو ڪيو ته هن ٽرائل ڪورٽ ۾ درخواست ڇو نه ڏني؟ توهان چاهيو ٿا ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي پراسيڪيوٽر کي هدايت ڏئي؟

جسٽس طارق محمود جهانگيري جي استفسار تي وڪيل فيصل چوڌري چيو ته چالان اڃا پيش ناهي ٿيو، اسان پراسيڪيوٽر اينٽي ٽيررازم ڪورٽ ۾ درخواست ڏني آهي، اسان چيو ته سپريم ڪورٽ جي فيصلي موجب هي سيڪشن ختم ڪيو وڃي.

عدالت عمران خان جي وڪيل کان پڇاڻو ڪيو ته ڇا پراسيڪيوٽر کي هدايت ڪنداسين؟

عدالت ٽرائل ڪورٽ کي درخواست سان لاڳاپيل قانون پڙهڻ جي هدايت ڪندي پڇاڻو ڪيو ته ڇا پراسيڪيوٽر کي دهشتگردي جي سيڪشن هٽائڻ جو اختيار آهي؟

وڪيل فيصل چوڌري چيو ته اهو پراسيڪيوٽر جو ڪم آهي ته اهو ڏسي ته دهشتگردي جي سيڪشن لاڳو ٿئي ٿي يا نه.

عدالت پڇاڻو ڪيو ته جاچ دوران درخواست ڪيئن داخل ٿي؟ ڇا پراسيڪيوٽر درخواست تي ڪو حڪم ڏنو آهي؟

وڌيڪ پڙهو: