اهم خبرون

پاڪستان

February 11, 2023 6:03 pm

عمران خان ملڪ کي آءِ ايم ايف وٽ گروري رکي ڇڏيو: مريم نواز

عمران خان جي ڪهاڻي ۽ سازشن جو دور پڄاڻي تي پهتو، کيس آڻيندڙ سليڪٽر گهر هليا ويا، 2018 واري سليڪشن ڪميٽي به ٽٽي وئي،

عوام ڄاڻي ٿو ته ملڪ ۾ مهانگائي جو ذميوار ڪير آهي، ن ليگ جي نائب صدر مريم نواز چيو آهي ته  عمران خان ملڪ کي آءِ ايم ايف وٽ گروري رکي ڇڏيو،

آءِ ايم ايف سان ڳالهيون اسحاق ڊار نه پر عمران خان کي ڪرڻ گهرجن، معيشيت تباهه ڪندڙ سڪون سان زمان پارڪ ۾ ويٺل آهي،

وزيراعظم شهباز شريف، عمران خان کي آءِ ايم ايف ۽ عوام جي ڪٽهڙي ۾ آڻي، چئن سالن جي تباهي ايتري جلد ختم ٿيڻ واري ناهي پر عوام اميد رکي ته ن ليگ ملڪي حالتون تبديل ڪندي،

اسان اليڪشن کان ڊڄڻ وارا ناهيون، اليڪشن کان رڳو سليڪشن وارا ڊڄندا آهن.

وڌيڪ پڙهو: