پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان جنرل (ر) باجوه کي آمريڪا بدران سندس حڪومت جو تختو اونڌو ڪرڻ جي سازش جو مرڪزي ڪردار قرار ڏئي ڇڏيو آهي.
آمريڪي نشرياتي اداري ”وائس آف آمريڪا“ کي ڏنل انٽرويو ۾ عمران خان چيو ته حڪومتي تبديلي جي سازش جو مرڪزي ڪردار آمريڪا نه پر جنرل (ر) باجوه آهي، اها سازش هتي آمريڪا کان درآمد نه ڪئي وئي،پر اڪستان کان آمريڪا اها سازش ايڪسپورٽ ڪئي وئي
عمران خان الزام هنيو ته جنرل (ر) باجوه آمريڪين کي يقين ڏياريو ته مان آمريڪا مخالف آهيان.
عمران خان چيو ته عالمي لاڳاپا ڪنهن جي ذاتي انا تي نه پر قومي مفادن تي هئڻ گهرجن، پاڪستان جي عوام جو مفاد اهو آهي ته اسان جا آمريڪا سان بهترين واپاري لاڳاپا هجن.
عمران خان اها به دعويٰ ڪئي ته باجوه جا شهباز شريف سان ويجها لاڳاپا آهن، باجوه ۽ شهباز شريف جي لاڳاپن حڪومتي تبديلي جي آپريشن جي راهه هموار ڪئي.