پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته عمران حڪومت جي پاليسي دهشتگردن کي خوش ڪرڻ لاءِ هئي، عمران دهشتگردن سان غير مشروط ڳالهيون ڪيون، عمران جي پاليسي تي نئين سويلين ۽ عسڪري قيادت فل اسٽاپ لڳائي ڇڏيو آهي.
آمريڪي ميڊيا کي ڏنل انٽرويو ۾ بلاول ڀٽو زرداري چيو ته عمران حڪومت جي پاليسي دهشتگردن کي خوش ڪرڻ لاءِ هئي.
هن چيو ته، عمران دهشتگردن سان غير مشروط ڳالهيون ڪيون پر نئين سول ۽ ملٽري قيادت سندس پاليسي تي فل اسٽاپ لڳائي ڇڏيو.
پرڏيهي وزير چيو ته اسان پنهنجي سرزمين تي دهشتگردن خلاف وڙهنداسين، جيستائين افغانستان ۾ موجود خطرن کي ختم نه ڪيو ويندو، تيستائين پاڪستان ۾ سيڪيورٽي مسئلو پيدا ٿيندو رهندو…….