عمران برطانيا جا مثال ڏيندو آهي پر پاڻ عدالت جو احترام ناهي ڪندو، عمران پيشي دوران پاڻ سان گڏ غنڊا ۽ بدمعاش به عدالتي ڪمري ۾ وٺي آيو،
مون وٽ عمران خان جي اچڻ جا سمورا سي سي ٽي فوٽيجز آهن؛
اسلام آباد جي دهشتگردي جي خاتمي واري عدالت جي جج راجا ناصر عباس جا ريمارڪس،
جج راجا ناصر عباس چيو ته پي ٽي آءِ جو سربراهه عمران خان عدالت ۾ آيو ۽ پاڻ سان گڏ اڍائي هزار ڪارڪنن وٺي آيو، پارٽي جو نالو انصاف رکيو آهي پر عدالت ۾ زنده آباد ۽ مرده آباد جا نعرا لڳايا ويا.