آءِ ايم ايف طرفان پاڪستان کان 7 ارب ڊالرز جي دوست ملڪن کان لکت ۾ گارنٽي طلب
ملڪ ۾ ٻه خبرون زير گردش آهن، عالمي اداري موڊيز جي طرفان ملڪ ڊفالٽ ٿيڻ بابت رپورٽ جاري ڪئي آهي ۽ آءِ ايم ايف جي طرفان پاڪستان کان 7 ارب ڊالرز جي دوست ملڪن کان لکت ۾ گارنٽي جمع ڪرائڻ جو نئون شرط سامهون آيو آهي جنهن کانپوءِ نئون بحث شروع ٿي ويو آهي. ذريعن جي دعويٰ آهي ته هن وقت تائين پاڪستان کي چين کانسواءِ ڪنهن به دوست ملڪ کان واضح يقين ڏياري نه سگهيو آهي، سعودي، دبئي ۽ قطر جي طرفان اعلان ڪيو ويو آهي پر لکت ۾ ڪابه گارنٽي اڃا تائين نه ڏني وئي آهي
ملڪ ڊفالٽ ٿيڻ جو خطرو وڌي ويو آهي“ موڊيز پاڪستان جي ريٽنگ ۾ وڌيڪ گهٽتائي ڪري ڇڏي،،، عالمي اداري پاڪستان جي اقتصادي ريٽنگ سي اي اي ون کان گهٽائي سي اي اي ٿري ڪري ڇڏي آهي،،، عالمي ادائگين سميت ٻين چيلنجز کي سامهون رکندي موڊيز طرفان ملڪ ڊيفالٽ ٿيڻ واري خطري جي ريٽنگ ۾ اضافو ڪيو ويو آهي. موڊيز موجب پاڪستان جا پرڏيهي مٽا سٽا جا ذخيرا انتهائي هيٺائين سطح تي پهچي ويا آهن
پاڪستان عالمي مالياتي اداري آءِ ايم ايف پروگرام جي بحاليءَ لاءِ غير معمولي صورتحال ۽ 1998ع جهڙا سخت شرطن کي منهن ڏئي رهيو آهي، پاڪستان جي بگڙيل معيشت کي سهارو ڏيڻ لاءِ آءِ ايم ايف اڳ ۾ ئي چار سخت شرط رکيا آهن
آءِ ايم ايف بجلي جي اگهن ۾ 3 رپيا 82 پئسا في يونٽ مستقل اضافي جو مطالبو ڪري ڇڏيو آهي، آءِ ايم ايف ايڪسچينج ريٽ کي افغان بارڊر ريٽ سان ڳنڍڻ جو خواهشمند آهي، آءِ ايم ايف پرڏيهي فنانسنگ بابت لکت ۾ يقين ڏيارڻ جو به خواهشمند آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته پاڪستان کي چين کانسواءِ ڪنهن به دوست ملڪ کان واضح يقين ڏياري نه سگهيو آهي
پاڪستان چين کان 70 ڪروڙ ڊالر وصول ڪري چڪو آهي، وڌيڪ 1 ارب 30 ڪروڙ ڊالر جلد چين کان ٽن قسطن ۾ ملندا. ذريعن موجب پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف وچ ۾ پرائمري خساري ۽ ڪرنٽ اڪائونٽ خساري جي انگن اکرن تي به اختلاف آهن، پاڪستان 7 مهينن جي انگن اکرن موجب خساري جو هدف مقرر ڪرڻ چاهي ٿو پر آءِ ايم ايف حدف پاڻ مقرر ڪرڻ تي بضد آهي. چئن اڳواٽ قدمن تي عملدرآمد پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف جي وچ ۾ اسٽاف ليول جي معاهدي تحت 1 بلين ڊالر جي قسط ۽ 6.5 بلين ڊالر جي توسيع پروگرام بحال ٿيڻ جي راهه هموار ڪري سگهي ٿو
1998ع جي صورتحال سبب پاڪستان آءِ ايم ايف پروگرام جي بحاليءَ لاءِ 24 قدم کنيا هئا جڏهن 1998ع ۾ پاڪستان کي اٽڪل 40 ڪروڙ ڊالرن جي فنانسنگ گيپ کي منهن ڏيڻو پيوهو، ان وقت اسلام آباد پنهنجا ايٽمي تجربا ڪيا. ڀارت کي ڀرپور جواب ڏنو هو پر 24 شرطن تي عملدرآمد ٿيو ۽ ننڍا ننڍا مسئلا سامهون آيا پر پوءِ به جنوري 1999 ۾ آءِ ايم ايف پروگرام جي بحاليءَ لاءِ رستو هموار ٿيو ويو
ھن وقت 7 بلين ڊالر مالياتي خال کي پورو ڪرڻ لاءِ ٻه طرفي ڀائيوارن کان تصديق ڪرڻ وارو شرط شامل آھي
پرڏيهي فنانسنگ جي تصديق واري معاملي تي اعليٰ عملدار جو چوڻ هو ته آءِ ايم ايف ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو وڌائي رهيو آهي، ان ڪري 7 ارب ڊالر جو خال آهي، جڏهن ته سرڪاري تخمينو 5 ارب ڊالر جو خال ظاهر ڪري ٿو، ان کي پورو ڪرڻ جي ضرورت آهي. ذريعن جو چوڻ هو ته پاڪستان 5 بلين ڊالرن جا واپاري قرض ادا ڪري چڪو آهي، جنهن مان 700 ملين ڊالر اڳ ئي چين کان واپس ڪيا ويا آهن، جڏهن ته باقي 1.3 بلين ڊالر جلد ٻن قسطن ۾ ادا ڪيا ويندا. سعودي عرب ۽ يو اي اي اضافي طور تي 2 بلين ڊالر ۽ 1 بلين ڊالر فراهم ڪندا، ذريعن دعويٰ ڪئي ته اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان جا پرڏيهي مٽا سٽا جا ذخيرا جون 2023ع جي آخر تائين 10 ارب ڊالر کان وڌي ويندا