سنڌ هائيڪورٽ سکر بينچ ۾ امن امان بابت ڪيس جي ٻڌڻي، گهرو سيڪريٽري، آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جيز ۽ ايس ايس پيز عدالت ۾ پيش، آءِ جي غلام نبي ميمڻ ڪچي ۾ فورس جي مقرري لاءِ عدالت کان 30 ڏينهن جي مهلت گهري ورتي،
آءِ جي سنڌ چيو آهي ته پوليس لاءِ وڏا چئليج آھن، ڪچي ۾ ڌاڙيلن سان گڏ عام ماڻھو به رھن ٿا اميد آهي ته پوليس سئو سيڪڙو هدف حاصل ڪندي،
عدالت چيو آهي ته ٻڌايو ته فوج ۽ رينجرز سان گڏجي ڪچي ۾ ڪڏهن آپريشن شروع ڪيو ويندو؟.
عدالت پاران سوال ڪيو ويو ته گهوٽڪي،ڪشمور شڪارپور ۾ اوهان ڪمانڊوز مقرر ڇو نه ٿا ڪيو، ڪيترا سپاهي وي وي آء پيز کي سيڪيورٽي لاءِ ڏنا ويا آهن
سکر عدالت پاران ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته هت ماڻهو ڳوٺن جا ڳوٺ ماري ڇڏين ٿا،فريادي صبح شام چڪر ڪاٽين ٿا پر پوليس ايف آءِ آر داخل ڪرڻ لاءِ تيار ناهي، آءِ جي سنڌ صاحب اوهان بدين جا آهيو اوهان کي هتان جي صورتحال جي خبر ناهي، حڪومت نٿي چاهي ته امن بحال ٿئي، هاڻ ته ٻوڏ کان به وڌيڪ صورتحال خراب آهي
هائيڪورٽ سکر بينچ پاران وڌيڪ چيو ويو ته ڌاڙيلن،سهولتڪارن،پوليس،وائيٽ ڪالر خلاف ڪڏهن ڪريڪ ڊائون ڪندا، پوليس شهيد ٿي رهي آهي، ڪير مرڻ چاهيندو آهي هڪ هزار ايس ايس يو ڪمانڊوز سکر ۽ هڪ هزار لاڙڪاڻي لاءِ گهرجن
آءِ جي غلام نبي ميمڻ چيو ته سنڌ حڪومت پوليس کي 10 ارب رپين جو پئڪيج ڏنو آهي، ٽيڪنالاجي ۽ گاڏيون گهرايون آهن، جلد اچي وينديون، ان جي جواب جسٽس صلاح الدين پاران چيو ويو ته 10 ارب رپيا ڪجهه به ناهن، برسات دوران 22 ارب رپيا خرچ ڪيا ويا پر ڪٿي نظر نه آيا